اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ ڪاروبار ڪندڙن لاءِ سٺي خبر

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ ڪاروبار ڪندڙن لاءِ سٺي خبر آهي ته حڪومت پهريون ڀيرو پاڪستان اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ بانڊ جي نيلامي ڪندي.
اسٽاڪ مارڪيٽ ذريعن موجب حڪومت پهريون ڀيرو پاڪستان اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ بانڊ جي نيلامي ڪري رهي آهي، جنهن سان 30 ارب رپيا گڏ ڪيا ويندا.
هاڻ پاڪستاني بئنڪن کانپوءِ پهريون ڀيرو اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ به بانڊ ٽريڊ ٿيندا ۽ بروڪرز به بانڊ ۾ خريد ۽ وڪرو ڪري سگهندا.
ذريعن جو چوڻ آهي ته حڪومت بانڊ تي 20 کان 22 سيڪڙو تائين منافعو ڏئي سگهي ٿي.
وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ بانڊ نيلامي جو افتتاح ڪندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.