”ميڊيا ۾ ڪم ڪرڻ لاءِ 3 ٻار پاڻ ضايع ڪرايم“

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڊرامي منت مراد ۾ مراد جي وڏي ڀيڻ جو ڪردار ادا ڪندڙ اداڪاره مزنا وقاص انڪشاف ڪيو آهي ته مان ٽي حمل وڃائي چڪي آهيان، جڏهن ته منهنجي گهر وارن مون کي طعنا ڏيندي چيو ته مان شوبز انڊسٽري ۾ ڪم ڪرڻ لاءِ پنهنجا ٻار وڃائي رهي آهيان.

پنهنجي ڪيريئر بابت ڳالهائيندي اداڪارا چيو ته سندس والد ٻه شاديون ڪيون، سندس ماءُ 2005ع ۾ ۽ پوءِ سندس والد 2006ع ۾ گذاري ويو.

اداڪارا چيو ته کيس ننڍپڻ کان ئي اداڪاري جو شوق هو، ڪيريئر جي شروعاتي ڏينهن ۾ هن اداڪاري سکڻ لاءِ ناپا جوائن ڪيو هو، جتي سندس شڪل ۽ رنگت جي ڪري کيس تنقيد جو نشانو بڻايو ويو.

هن چيو ته ڪيريئر جي شروعاتي ڏينهن ۾ مون کي رنگ جي بنياد تي ڪردار ملندا هئا، جيڪي ماڻهو مون کي خوبصورت نه هجڻ تي ناپا ۾ ٺٺوليون ڪندا هئا، اهي هاڻي مون سان گڏ ڪم ڪن ٿا.

2019ع ۾ کيس هڪ پٽ ڄائو جنهن جو نالو آحل آهي.

حمل ضايع ٿيڻ بابت مزنا وقاص ٻڌايو ته 3 حمل وڃائڻ کانپوءِ 2018ع ۾ هوءَ چوٿين ڀيرو ڳورهاري ٿي هئي، حمل جي پنجين مهيني ۾ هوءَ چيڪ اپ لاءِ مشهور اسپتال جي ڊاڪٽر وٽ وئي هئي.

هن چيو ته ڊاڪٽرن ٻار کي مئل قرار ڏنو پر ٻئي ڏينهن ٻئي ڊاڪٽر ڏانهن ويس ته ان چيو ته ٻار جيئرو آهي.

مزنا وقاص جو چوڻ هو ته جڏهن مان ٽي حمل وڃائي ويس ته هڪ ڊاڪٽر مون کي ڏٺو ۽ ٻڌايو ته مون کي اولاد نٿو ٿي سگهي.

اداڪارا چيو ته جڏهن سندس پهريون حمل ضايع ٿيو ته سندس ڀاءُ جاڙن ٻارن (پٽ ۽ ڌيءَ) کي جنم ڏنو، ڪنهن ٻئي جي ٻار کي پالي نه سگهيس.

مزنا وقاص چيو ته جڏهن ٻيو ڀيرو حمل گم ٿيو ته منهنجي پنهنجي مڙس طنزيه انداز ۾ چيو ته مان شوبز انڊسٽري ۾ ڪم ڪندي آهيان ان ڪري پاڻ ئي ٻارن کي وڃائي رهي آهيان.

اداڪاره چيو ته مون کي سڀ کان وڌيڪ ڏک ان ڳالهه جو هو ته ماڻهن جو چوڻ هو ته مون کي ميڊيا ۾ ڪم ڪرڻو آهي، ان ڪري مان پنهنجا ٻار ضايع ڪري رهي آهيان.

هن وڌيڪ چيو ته ڪجهه ماڻهن اهو به چيو ته مڙس جو علاج ڇو نٿي ڪرايان.

خيال رهي ته مزنا جا حمل قدرتي طور تي ضايع ٿيا هئا پر کيس هميشه اهي طعنا ملندا هئا ته هن شوبز ۾ ڪم ڪرڻ لاءِ ٻارن کي ضايع ڪيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.