بجلي جي گهٽ استعمال باوجود ڳرن بلن کان پريشان واهپيدارن لاءِ خوشخبري

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) نيشنل اليڪٽرڪ پاور ريگيوليٽري اٿارٽي (نيپرا) واضح ڪيو آهي ته بجلي ڪمپنين کي بلن ۾ وصول ڪيل واڌو پئسا واهپيدارن کي واپس ڏيڻا پوندا.
نيپرا ۾ سينٽرل پاور جنريشن ڪمپني بلاڪ 2 جي ٽيرف بابت ٻڌڻي ٿي، جنهن ۾ نيپرا چيو ته اسان ڪمپنين خلاف ڪارروائي ڪنداسين، اٿارٽي غلط موڪليل بلن جي معاملي کي غور سان ڏسندي.
نيپرا اختيارين چيو ته واهپيدارن کي موڪليل واڌو بل واپس ڪرائينداسين، اسان ٻن ڪمپنين کي خط لکيا آهن، وڌيڪ کي به لکنداسين، خراب ميٽر جي تبديلي ممڪن آهي، هڪ ڏينهن اندر تبديل ڪري سگهجي ٿو.
اختيارين وڌيڪ چيو ته جاچ رپورٽ کانپوءِ هڪ عوامي ٻڌڻي رکنداسين، ان کانپوءِ فيصلو ٿيندو، بجلي ڪمپنين بابت ڪيترائي مسئلا سامهون اچي رهيا آهن، اٿارٽي ريڊنگ دوران بل تي ميٽر جي تصوير جو شرط لڳايو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.