عالمي مارڪيٽ ۾ تيل جو اگهه 6 مهينن جي گهٽ ترين سطح تي اچي ويو

نيو يارڪ (ويب ڊيسڪ) عالمي مارڪيٽ ۾ ڪچي تيل جي قيمت 6 مهينن جي گهٽ ترين سطح تي اچي وئي، ڪچي تيل جي قيمت ۾ 4 سيڪڙو کان وڌيڪ جي لاٿ رڪارڊ ڪئي وئي.
عالمي مارڪيٽ ۾ ڪچي تيل جي قيمت ۾ 4 سيڪڙو کان وڌيڪ گهٽتائي ٿي ۽ ڪچو تيل 6 مهينن جي گهٽ ترين سطح تي اچي ويو.
پرڏيهي ميڊيا موجب برينٽ ڪچي تيل جي قيمت 74 ڊالر 68 سينٽ، جڏهن ته آمريڪي ڊبليو ٽي آءِ ڪچو تيل 69 ڊالر 80 سينٽ تي ٽريڊ ڪري رهيو آهي.
عالمي مارڪيٽ ۾ ڪچي تيل جي اگهن ۾ گهٽتائي جو وڏو سبب چين ۽ آمريڪا ۾ معاشي سستي ٻڌايو پيو وڃي، جڏهن ته آمريڪا ۾ تيل جي ذخيرن ۾ به وڏي پئماني تي واڌ ٿي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.