جونيئر هاڪي ورلڊ ڪپ، پاڪستان نيوزيلينڊ کي 0-4 تان هارائي ڇڏيو

ڪوالالمپور (ويب ڊيسڪ) جونيئر هاڪي ورلڊ ڪپ ۾ پاڪستان نيوزيلينڊ کي 0-4 تان شڪست ڏئي ڇڏي.
ملائيشيا جي تخت گاهه ڪوالالمپور ۾ جاري جونيئر هاڪي ورلڊ ڪپ ۾ پاڪستان شاندار ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندي نيوزيلينڊ کي آساني سان شڪست ڏئي ڇڏي.
قومي رانديگر ارشد لياقت 19هين، 30هين ۽ 54هين منٽ ۾ 3 گول ڪيا، ڪپتان عبدالحنان شاهد 32هين منٽ ۾ پينلٽي ڪارنر تي گول اسڪور ڪيو.
نيوزيلينڊ طرفان راند جي پڄاڻي تي ڪنهن رانديگر ڪو گول اسڪور نه ڪيو.
واضح رهي ته پاڪستان گذريل ڏينهن ايونٽ جي فيوريٽ نيڌرلينڊز خلاف ميچ ڊرا ڪئي هئي، جڏهن ته قومي ٽيم جو ايندڙ مقابلو ڇنڇر تي بيلجيئم سان ٿيندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.