پي ايس ايل 9 لاءِ شان مسعود ڪراچي ڪنگز جو حصو بڻجي ويو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان جي ٽيسٽ ٽيم جو ڪپتان شان مسعود پي ايس ايل 9 لاءِ ڪراچي ڪنگز جو حصو بڻجي ويو.
شان مسعود پاڪستان سپر ليگ جي اٺين سيزن ۾ ملتان سلطانز جو حصو هو پر هو ٽريڊ ڊيل تحت ڪراچي ڪنگز اسڪواڊ جو حصو بڻيو آهي.
ڊيل تحت ليفٽ آرم اسپنر فيصل اڪرم ملتان سلطانز وڃي رهيو آهي، ٽريڊ ڊيل تحت ملتان سلطانز کي ڪنگز جي ڊائمنڊ رائونڊ جي هڪ پڪ ۽ سلور رائونڊ جي هڪ پڪ ملندي.
فرنچائز اونر سلمان اقبال شان مسعود جي ڪراچي ڪنگز ۾ آجيان ڪندي ان کي اسڪواڊ ۾ بهترين قرار ڏنو ۽ چيو ته پي ايس ايل جي ايندڙ ايڊيشن ۾ شان مسعود جي تجربي ۽ صلاحيتن مان فائدو کڻنداسين.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.