ٽور ميچ: پاڪستان جي 391 رنسن جي جواب ۾ پرائم منسٽر اليون 2 وڪيٽن تي 149 رنسون ٺاهي ورتيون

ڪينبرا (ويب ڊيسڪ) آسٽريليا جي پرائم منسٽر اليون پاڪستان خلاف چئن ڏينهن جي ميچ دوران ٻئي ڏينهن راند جي پڄاڻي تي ٻه وڪيٽن جي نقصان تي 149 رنسون ٺاهي ورتيون، ان کي پاڪستان جي سرسي ختم ڪرڻ لاءِ وڌيڪ 242 رنسن جي ضرورت آهي.
ڪينبرا ۾ جاري ميچ ۾ پرائم منسٽر اليون پهرين اننگز ۾ 60 اوورن ۾ 2 وڪيٽن جي نقصان تي 149 رنسون ٺاهي ورتيون، اوپنر مارڪس هيرس ۽ ڪيمرون بينڪرافٽ ٽيم کي 96 رنسن جي شروعات فراهم ڪئي پر هيرس 49 رنسون ٺاهي پويلين موٽي ويو، جڏهن ته بينڪرافٽ 53 رنسون ٺاهي وڪيٽ وڃائي.
ميٽ رينشا ۽ ڪيمرون گرين ترتيب وار 18، 19 رنسون ٺاهي ڪريز تي موجود آهن، پاڪستان طرفان خرم شهزاد ۽ ابرار احمد هڪ – هڪ وڪيٽ ورتي.
ان کان اڳ پاڪستان 9 وڪيٽن جي نقصان تي 391 رنسون ٺاهي اننگز ڊڪليئر ڪري ڇڏي، ڪپتان شان مسعود 201 رنسن جي ناقابل شڪست اننگز کيڏي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.