”هر ڪنهن کي پئسو گهرجي“ ڏاج جي گهر تي ڊاڪٽرياڻي آپگهات ڪري ڇڏيو

ڀارتي رياست ڪيرالا ۾ 26 ورهين جي ڊاڪٽرياڻي شاهانه ساهرن طرفان ڏاج جي گهر تي آپگهات ڪري ڇڏيو.
ڀارتي ميڊيا موجب ڊاڪٽر شاهانه جو پسند پرڻو ٿي رهيو هو پر خوشي واري گهر ۾ ان وقت پٽڪو شروع ٿي ويو، جڏهن شاهانه جي بواءِ فرينڊ شادي کان انڪار ڪري ڇڏيو، ڇو ته شاهانه جا گهر وارا گهربل ڏاج نه پئي ڏئي سگهيا.
پوليس نوجوان خلاف آپگهات تي اڪسائڻ ۽ ڏاج جي روڪٿام جي قانونن تحت ڪيس داخل ڪري ورتو، ان کانسواءِ شاهانه جي وارثن جي بيان به قلمبند ڪيا ويا آهن.
مقامي ميڊيا موجب ڊاڪٽر شاهانه پنهنجي ماءُ ۽ ڀاءُ ڀيڻ سان گڏ رهندي هئي، سندس پيءُ ٻه سال اڳ لاڏاڻو ڪري ويو هو.
شاهانه ڊاڪٽر رويس نالي شخص سان لاڳاپن ۾ هئي ۽ ٻئي شادي ڪرڻ وارا هئا.
ڇوڪري جي گهر ڀاتين الزام هنيو ته ڊاڪٽر رويس جي فيملي ڏاج ۾ 150 تولا سون، 15 ايڪڙ زمين ۽ بي ايم ڊبليو گاڏي جو مطالبو ڪيو هو، جڏهن مطالبو پورو نه ٿيو ته هنن شادي کان انڪار ڪري ڇڏيو، جنهن تي شاهانه گهڻي مايوس هئي ۽ هن آپگهات ڪري ڇڏيو.
پوليس موجب شاهانه جي لاش وٽان هڪ نوٽ مليو آهي، جنهن ۾ لکيل آهي ته ”هر ڪنهن کي رڳو پئسو ۽ دولت ئي گهرجي“.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.