بدمعاشي نه هلندي، عزت ڏيندئو ته عزت ڪنداسين: مرتضيٰ وهاب

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي ميئر مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته اسان کي رڙيون ڪرڻ جو شوق ناهي، عزت ڏيندئو ته عزت ڪنداسين.
پريس ڪانفرنس ڪندي مرتضيٰ وهاب چيو ته ڪائونسل اجلاس ۾ جماعت اسلامي جو ڪردار سڀني ڏٺو، بدقسمتي سان لچڪ باوجود اڄ به رويو سڀني جي سامهون آهي.
هن چيو ته اجلاس شروع ٿيندي ئي احتجاج شروع ڪيو ويو، اجلاس ان ڪري ختم ڪيو ويو ته اڳتي سٺي انداز ۾ اجلاس ڪيون، گذريل ڏينهن به چيو هو ته اسان سڀني کي گڏ کڻي هلڻ چاهيون ٿا، اڳ ۾ شهر ۾ ڪو ٻيو بدمعاشي ڪندو هو، هاڻ ڪو ٻيو ڪندو آهي.
سندس موجب ميئر جي ڪرسي تي چاڪنگ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، جيڪو غير مناسب رويو آهي، ڪنهن کي بدمعاشي ڪرڻ نه ڏينداسين.
واضح رهي ته ان کان اڳ سٽي ڪائونسل جي اجلاس ۾ گوڙ گهمسان ٿيو، حڪومتي ۽ مخالف ڌر ميمبرن ۾ اڳ ۾ ڏند چڪ ٿي، پوءِ معاملو هٿين پوڻ تائين پهچي ويو، مرتضيٰ وهاب صورتحال کي ڏسندي اجلاس ملتوي ڪري ڇڏيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.