شاگردياڻي سنيها جو موت ڳجهارت، جاچ ڪميٽي قائم نه ٿي، ڏهرڪي ۾ آخري رسمون ادا

ڏھرڪي/ خيرپور ( رپورٽ: اجيت ڪمار/ اسد لغاري/مختيار ڦلپوٽو) خيرپور جي ميڊيڪل ڪاليج جي گرلس هاسٽل ۾ مبينه طور دل بيهڻ سبب فوت ٿيل شاگردياڻي سنيها جوتيڪا جو مڙهه گهر پهچڻ تي سندس گهر ۾ ڪهرام مچي ويو، آخري  رسمن ۾ هندو برادري جي ماڻهن ۽ مختلف سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن سميت شهرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، شاگردياڻي جي موت کي طبي قرار ڏنو ويو، ميڊيڪل ڪاليج جي گرلس هاسٽل ۾ مبينا طور دل بيهڻ سبب فوت ٿيل آخري سال جي شاگردياڻي سنيها جوتيڪا ڌيءَ نارائڻ داس ڪيسواڻي جو مڙهه گهر پهچڻ تي  قهرام مچي ويو، جڏهن ته سنيها ڪيسواڻي جون گهر ۾ آخري رسمون ادا ڪرڻ بعد شهر جي شمان گهاٽ ۾ کيس اگني سنسڪار ادا ڪيو ويو، هندو برادري جي ماڻهن ۽ مختلف سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن سميت شهرين پاران وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، اگني سنسڪار بعد شاگردياڻي جي وارثن پاران شاگردياڻي جي خودڪشي توڙي کيس قتل ڪرڻ واري افواهن کي رد ڪندي کيس موت کي طبي موت قرار ڏئي ڇڏيو، سينها ڪيسواڻي جي چاچي ڊاڪٽر واسديو ڪيسواڻي چيو ته منهنجي ڀائيٽي سنيها جوتيڪا خيرپور ميڊيڪل ڪاليج ۾ آخري سال جي شاگردياڻي جيڪا ڪاليج ۾ آخري سال جا پيپر ڏيڻ لاءِ هڪ هفتو اڳ گهران ڪاليج لاءِ وئي هئي، هن چيو ته سنيها گهروارن سان پڻ ڳالهه ٻول ڪئي پر ڪيل ڳالهه ٻولهه دوران هوءَ ڏاڍي خوش ۽ پر سڪون هئي ته گذريل شام جو هو پنهنجي ڪلاس ميٽ سان گڏجي هاسٽل هئي اوچتو کيس دل ۾ تڪليف ٿيڻ سبب هو هاسٽل ۾ بيهوش ٿي وئي جنهن کي علاج لاءِ پهريان خيرپور جي سول اسپتال ۽ بعد ۾ اين آءِ سي وي ڊي سکر جي اسپتال ۾ داخل ڪرايو ويو پر هو فوت ٿي وئي جيڪو کيس موت طبي آهي، هن چيو ته  سنيها جي موت بابت کيس خودڪشي ڪرڻ توڙي قتل ڪرڻ واري افواهون ڪوڙيون ۽ من گهڙت آهن جنهن ۾ ڪا به صداقت ڪونهي هوڏانهن سنيها جي وارثن سان تعزيت جو سلسلو جاري آهي، ٻئي پاسي ميڊيڪل ڪاليج خيرپور جي ايم بي بي ايس جي شاگردياڻي ڊاڪٽر سنهيا جوتي ڪيسواڻي جي هاسٽل ۾ پر اسرار نموني فوت ٿيڻ واري واقعي جي حوالي سان صحت کاتي پاران جاچ ٽيم هن وقت تائين ناھي جوڙي وئي جيڪا شاگردياڻي سنيھا جوتي جي موت جا سبب ڪهڙا آهن يا طبي موت ٿيو آهي معلوم ڪري سگھي، خيرپور پوليس هاسٽل جي بيڊ روم جو معائنو ڪيو.

  • شاگردياڻين جي هاسٽل ۾ ايمبولينس به ناهي، سڄاڻ ڌرين طرفان ڪاوڙ

خيرپور: ميڊيڪل ڪاليج خيرپور جي پرنسپال ڊاڪٽر رخسار شاهاڻي عوامي آواز سان  رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته شاگردياڻي جي وارثن کي پوسٽ  مارٽم ڪرائڻ ۽ جانچ ڪرائڻ جو چيو هو وارثن به مطئمن هئا جنهنڪري هو بنا پوسٽ مارٽم ڪرائڻ جي کڻائي ويا، جڏهن ته خيرپور جي سياسي سماجي ڌرين جو چوڻ آهي ته هاسٽل ۾ سهولتن جي کوٽ آهي ان سان گڏ 300 کان وڌيڪ شاگردياڻين جي هاسٽل ۾ ھڪ ايمبولنس به نه آهي جيڪا ڪنھن ايمرجنسي جي صورت ۾ ڪم اچي سگهي ھنيئر به ايمبولنس نه هئڻ ڪري 40 منٽن تائين شاگردياڻي بيهوش رهي پر جيڪڏهن فوري طور شاگردياڻي کي هاسپيٽل پهچايو وڃي ها ته بيهوش ٿيڻ جا سبب معلوم ٿي وڃن ها ۽ هن جي زندگي پڻ بچائي سگهجي پئي ان جي به جانچ ٿيڻ گهرجي ذميوارن خلاف ڪارروائي ٿيڻ کپي.

  • سنيها اسان جي نياڻي آهي، وارثن سان سهڪار ڪنداسين:ڪاليج انتظاميا

خيرپور: خيرپور ميڊيڪل ڪاليج جي انتظاميا پريس رليز جاري ڪندي چيو آهي ته سنيھا جوتي آخري سال جي ايم بي بي ايس ميڊيڪل اسٽوڊنٽ جي شاگردياڻي هئي، سنيھا جو تعلق ڏھرڪي سان ھو سنيھا جوتي ھڪ تمام گهڻي ھوشيار سلجهيل ھئي ۽ سندس جو تعلق عزت واري گھراڻي سان آهي اسان کي ڏاڍو ڏک ٿيو آهي ته ھو اسان سان گڏ ناهي رهي، اسان سنيھا جي فيملي جو ڏک ۽ تڪليف سمجهي سگهو ٿا اسان سنيھا جوتي جي وارثن سان ھر تعاون ڪرڻ لاءِ تيار آهيون، ٻارن واري شعبي جو آخري امتحان رکيل ھو ته سنيھا جون اکيون مٿي ٿي ويون ۽ سندس ساھ منجھڻ لڳو، ھٿن پيرن ۾ ڏڪڻي پيدا ٿي وئي ۽ ھو بھوش ٿي ڪري پئي جنهن مان ظاھر ٿيو ته هن کي جهٽڪو لڳو آهي جيڪو دل جي دورو به ٿي سگهي ٿو جئين ته سنيھا ھاسٽل جي پھرين فلور تي رھندي ھئي ۽ ان سان گڏ رھندڙا دوستن کيس ڪمري کان ٻاهر کڻي اچڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ پوءِ پنهنجي بيج ميٽ شاگردياڻي کي فون ڪري ٻڌايو ته سنيھا جي طبيعت خراب ٿي وئي، ان کي سول اسپتال جي ايمرجنسي ۾ کڻي آيا جتي ڊيوٽي ڊاڪٽرن ٻڌايو ته هن کي دل جو دورو لڳي ٿو، دل جي ڊاڪٽرن تصديق ڪئي ته ھن کي اٽيڪ ٿي آهي ۽ ھي فوت ٿي چڪي آھي.

  • سنيها جي موت تي سوشل ميڊيا تي بحث، معاملي جي جاچ جو مطالبو

ڏهرڪي/ خيرپور: سنيها جو مڙهه وصول ڪندڙ مڪيش  ڪمار جيڪو ميڊيا کي ٻڌائي رهيو هيو ته مان سنيها جو ڀاءُ آھيان اهو سنيها جو سئوٽ آھي، سنيها کي هڪ ڀيڻ ۽ هڪ ڀاءُ آهي جيڪي ٻئي ٻاهرين ملڪ رهن ٿا، ڀاءُ نيل آڪاش  آسٽريليا ۽ ڀيڻ آمريڪا ۾ رهي ٿي جڏهن ته گهر ۾ هڪ پوڙهي ماءُ آهي، ٻئي پاسي سوشل ميڊيا تي شاگردياڻي سنيها جي موت تي بحث هلندڙ آهي، ڪجهه صارفين شاگردياڻي جي موت کي آپگهات، ڪجهه صارفين دل جو دورو ته ڪجهه وري پريشر ۾ اچي آپگهات ۽ قتل قرار ڏئي رهيا آهن، سوشل ميڊيا صارفين طرفان شاگردياڻي جي موت جي شفاف جاچ جو مطالبو پڻ ڪيو ويو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.