ڪوٽڙي جي تلسي قومي بيس بال ٽيم ۾ شامل ٿيندڙ پهرين هندو ناري بڻجي وئي

ڪوٽڙي (ن ع آ ) ڊگري ڪاليج ڪوٽڙي جي شاگردياڻي تلسي ميگهواڙ پاڪستان جي بيس بال ٽيم ۾ شامل ٿيندڙ پهرين هندو ڇوڪري بڻجي وئي آهي. تلسي ميگهواڙ عوامي آواز سان ڳالهائيندي چيو ته رانديون کيڏڻ دوران مونکي تمام گهڻين ڏکيائين کي منهن ڏيڻو پيو، رانديون کيڏڻ شروع ڪيون ته مونکي ۽ منهنجي ماءُ پيءُ کي سخت تنقيد جو نشانو بڻايو ويو، ماءُ پيءُ مونکي اڳتي آڻڻ ۾ حوصلا افزائي ۽ مدد ڪئي، تلسي چيو ته جڏهن مان گهر کان نڪرڻ وقت مون تي طنز واري کلڻ توڙي تارڙيون وڄائڻ جو آواز منهنجي آجيان ڪندو هو پر مان سدائين ناڪاري ڳالهين کي هڪ ڪَن سان ٻڌي ٻئي مان ڪڍي ڇڏڻ واري عادت کي اپنايو ۽ اڳتي وڌندي رهيس، قومي ٽيم ۾ شامل ٿيڻ تي خوشي جو اظهار ڪندي تلسي چيو ته والدين کي گهرجي ته نياڻين جي تعليم کي ترجيح ڏين ۽ جيڪڏهن ڪا به ڇوڪري راندين يا ٻين شعبن ۾ شوق يا مهارت رکندڙ هجي ته ان جي حوصلا افزائي ڪئي وڃي.راندين جي حوالي سان هن ٻڌايو ته مان هڪڙي ئي تلسي ميگهواڙ ناهيان، ٻيون ڇوڪريون به راندين جي ميدان ۾ پاڻ مڃائي سگهن ٿيون، انهن کي حوصلو ڏيڻ ۽ محنت جي ضرورت آهي. تلسي ميگهواڙ جي پيءُ عوامي آواز سان ڳالهائيندي چيو تلسي شروع ۾ پڙهڻ سان گڏ راند کيڏندي هئي ته مائٽن توڙي ٻين تنقيد جو نشانو بڻايو جڏهن هاڻي تلسي ان مقام تي پهتي آهي ته اهي ماڻهو جيڪي اڳ ۾ مٿس تنقيد ڪندا هئا هاڻي اهي ماڻهو به تلسي جي تعريف ڪن ٿا هن جو چوڻ هو ته ميگهواڙ برادري ۾ ڇوڪرين کي تعليم ڏيارڻ جو لاڙو نه آهي مان انهن کي چوندس ته ٻارن سان گڏ انهن کي تعليم ڏياري وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.