انتهاپسند پاليسين ڀارت کي ورهائي ڇڏيو، مودي رڳو ترقي پذير رياستن تائين محدود

مودي جي ترقي يافته رياستن ۾ مقبوليت گهٽجي وئي ۽ رڳو ترقي پذير رياستن تائين محدود ٿي ويو، ڏکڻ رياستن مودي سرڪار کي رد ڪري ڇڏيو.
2018 جي پبلڪ افيئر انڊيڪس موجب ڀارت جي 5 بهترين ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ رياستن ۾ 4 ڏکڻ رياستون شامل آهن.
ميڊيا رپورٽن موجب ڀارت ۾ ڏکڻ رياستن ترقي ۽ استحڪام ۾ مودي جي اقتدار هيٺ اتر رياستن کي پوئتي ڇڏي ڏنو، ڏکڻ ڀارت ۾ خواندگي جي شرح 80 سيڪڙو کان به وڌيڪ، جڏهن ته اتر ڀارت ۾ 50 سيڪڙو کان به گهٽ آهي.
اتر ڀارت ۾ آبادي جي شرح 75 سيڪڙو ۽ ٽيڪس ادائيگي رڳو 3 سيڪڙو آهي، جڏهن ته ڏکڻ رياستن ۾ آبادي گهٽ ۽ ٽيڪس ادائيگي 25 سيڪڙو کان به وڌيڪ آهي.
اتر ڀارت ۾ 30 سيڪڙو عوام غربت ۾، جڏهن ته ڏکڻ رياستن ۾ 92 سيڪڙو عوام خوشحال زندگي گهاري رهيو آهي.
مودي جي انتهاپسند پاليسي سبب ڏکڻ رياستن جا گهڻي ڀاڱي اثاثا اتر رياستن کي ڏنا ويندا آهن، جڏهن ته ملڪي جي ڊي پي ۾ سڀ کان وڏو حصو ڏکڻ رياستون شامل ڪنديون آهن.
مودي سرڪار ڏکڻ رياستن جي حق تلفي ڪندي ڀارتي پارليامينٽ ۾ ڏکڻ رياستن جي مختص سيٽن کي به گهٽ ڪرڻ جو منصوبو تيار ڪري ورتو، 2024 جي چونڊن کي ڏسندي اتر رياستن جون سيٽون وڌائي ڏکڻ رياستن جي ووٽ جو حق دٻايو پيو وڃي.
ماهرن موجب تازين چونڊن ان ورهاست کي واضح ڪري ڇڏيو آهي ته اتر ۽ ڏکڻ جي اها ورهاست مودي سرڪار جي انتهاپسند پاليسين جو نتيجو آهي، اتر رياستن ۾ مودي جي وڌيڪ مقبول هجڻ جو وڏو سبب انتهاپسندي ۽ خواندگي جي گهٽ شرح آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.