عوام تي وڌيڪ بار، بجلي مهانگائي ٿي وئي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) نيشنل اليڪٽرڪ پاور ريگيوليٽري اٿارٽي (نيپرا) بجلي جي اگهه ۾ وڌيڪ واڌ ڪري ڇڏي.
نيپرا طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته اگهن ۾ واڌ آڪٽوبر جي ماهوار فيول ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ ڪئي وئي آهي، جيڪا سڀني واهپيدارن تي لاڳو ٿيندي، جڏهن ته لائف لائن ۽ ڪي اليڪٽرڪ واهپيدارن کي ڇوٽ حاصل هوندي.
نيپرا نوٽيفڪيشن موجب آڪٽوبر ۾ 9 ارب 50 ڪروڙ يونٽ بجلي پيدا ڪئي وئي، جيڪا ريفرنس کان گهٽ آهي، آڪٽوبر جي فيول ڪاسٽ ايڊجسٽمينٽ ۾ 3 رپين کان وڌيڪ في يونٽ رهتن جي مد ۾ شامل ڪيا ويا آهن.
نيپرا في يونٽ بجلي 3 رپيا 7 پئسا مهانگي ڪئي آهي، نوٽيفڪيشن جي منظوري وفاقي حڪومت ڏيندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.