رستو ڏيڻ جي ڳالهه تان افغانين هٿان زال مڙس قتل

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي راڄڌاني جي علائقي بارا ڪهو ٿاڻي جي حد ۾ هٿياربند افغانين روڊ جي تڪرار تي ڪار ۾ سوار هڪ جوڙي کي فائرنگ ڪري قتل ڪري ڇڏيو.

روڊ جي تڪرار تي ڪار ۾ سوار ٻن هٿياربندن فائرنگ ڪري مڙس ۽ زال کي قتل ڪري ڇڏيو، جڏهن ته ڪار ۾ سوار ڌيءَ معجزاڻي طور تي محفوظ رهي.

جوابدار ٻٽي قتل جي واردات بعد موقعي تان فرار ٿي ويا آهن.

پوليس جو چوڻ آهي ته سندن گرفتاري لاءِ سڄي علائقي ۾ ڇاپا هنيا پيا وڃن.

پوليس ذريعن موجب انجنيئر محمد عاصم پنهنجي گهرواري رديا نور ۽ ننڍي ڌيءَ صابرين سان گڏ گهر پهتو هو ته پاڙيسري افغانين شريف الله ۽ اسماعيل کين رستو نه ڏنو ۽ ٻنهي وچ ۾ جهيڙو ٿي پيو.

تڪرار دوران ٻنهي افغان شهرين گاڏي تي انڌاڌنڌ فائرنگ ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ مڙس ۽ زال موقعي تي ئي مارجي ويا، جڏهن ته فائرنگ ۾ سندن ڌيءَ صابرين معجزاڻي طور بچي وئي.

پوليس ٻنهي لاشن کي تحويل ۾ وٺي پوسٽ مارٽم لاءِ پولي ڪلينڪ منتقل ڪيو.

ٻئي طرف آءِ سي سي پي او ڊاڪٽر اڪبر ناصر خان واقعي جو فوري نوٽيس وٺندي ايس ايس پي آپريشنز کي فوري طور تي جوابدارن جي گرفتاري جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

ايس ايس پي آپريشن جوابدارن جي گرفتاري لاءِ پوليس جون ٽي اسپيشل ٽيمون جوڙي ڇڏيون آهن.

پوليس ذريعن جو چوڻ آهي ته شروعاتي جاچ ۾ انڪشاف ٿيو آهي ته ٻئي جوابدار افغان شهري ۽ خطرناڪ ماڻهو آهن.

ان سلسلي ۾ ايس ايڇ او بارا ڪهوعاشق خان ٻڌايو ته جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڪوششون جاري آهن ۽ جلد ٻنهي جوابدارن کي قانون جي پڪڙ ۾ آندو ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.