اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) حڪومت طرفان پرڏيهين جي واپسي جي فيصلي کانپوءِ غير قانوني افغانين جي ڏيهه واپسي جو سلسلو جاري آهي.
انگن اکرن موجب 4 ڊسمبر تي وڌيڪ 2476 افغان شهري واپس ويا، جن ۾ 678 مرد، 538 عورتون ۽ 1262 ٻار شامل آهن.
هيل تائين پاڪستان ڇڏي ويندڙ غير قانوني افغانين جو ڪُل انگ 4 لک 10 هزار 156 ٿي ويو آهي ۽ غير قانوني پرڏيهين جي واپسي جو سلسلو جاري آهي.
You might also like