ٿريڊز ايڪس (ٽوئيٽر) کي پوئتي ڌڪڻ شروع ڪري ڇڏيو

ميٽا پاران ٿريڊز کي ايڪس (ٽوئيٽر جو نئون نالو) جي مقابلي ۾ متعارف ڪرايو ويو هو.
شروعات ۾ ته ان نئين سوشل ميڊيا فارم ۾ ماڻهن جي گھڻي دلچسپي نظر آئي پر پوءِ گھٽبي وئي.
ٿريڊز کي بهتر بڻائڻ لاءِ ڪوششون جاري آهن ۽ ان ايڪس کي پوئتي ڌڪڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي، گھٽ ۾ گھٽ ڊائون لوڊ جي انگ ۾ ته ائين ٿيو آهي.
رپورٽ موجب جيتوڻيڪ ڊسمبر کان ٿريڊز کي روز ڊائونلوڊ ڪرڻ جي انگ ۾ گھٽتائي آئي پر نومبر جي آخر ۾ حالتون تبديل ٿيڻ شروع ٿي ويون.
نومبر جي شروع ۾ روز ساڍا 3 لک ڀيرا ان ايپ کي ڊائون لوڊ ڪيو پئي ويو پر 23 نومبر تي اهو انگ 6 لک 20 هزار تائين پهچي ويو.
رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو ته ٿريڊز جي مقبوليت ۾ نئون اضافو امڪاني طور تي ميٽا پاران ان ايپ جو اشتهار هلائڻ آهي.
سيپٽمبر کان هيل تائين ايڪس کي 2 ڪروڙ 70 ڀيرا ڊائونلوڊ ڪيو ويو جڏهن ته ٿريڊز کي 4 ڪروڙ 10 لک ڀيرا.
رپورٽ موجب مختلف ملڪن ۾ ايڪس ايپ بدران ٽوئيٽر لائيٽ کي وڌيڪ ڊائون لوڊ ڪيو ويو ڇو جو ان جو نالو ايڪس سان تبديل ناهي ڪيو ويو.
رپورٽ ۾ وڌيڪ ٻڌايو ويو ته ٿريڊز کي سڀ کان وڌيڪ ڀيرا ڀارت ۾ ڊائونلوڊ ڪيو ويو جنهن کان پوءِ آمريڪا ٻئي نمبر تي رهيو.
ان جي ڀيٽ ۾ ايڪس کي سڀ کان وڌيڪ انڊونيشيا ۽ پوءِ ڀارت ۾ ڊائونلوڊ ڪيو ويو.
رپورٽ موجب ٽوئيٽر جو نالو تبديل ڪري ايڪس رکڻ ان ايپ جي ڊائونلوڊنگ متاثر ٿي.
پر اڃا به ايڪس ٿريڊز جي ڀيٽ ۾ وڏو پليٽ فارم آهي جنهن جي ماهوار واهپيدارن جو انگت 50 ڪروڙ کان وڌيڪ آهي.
ان جي مقابلي ۾ ٿريڊز واهپيدارن جو انگ 10 ڪروڙ جي ويجهو آهي (اهي انگ اکر آڪٽوبر ۾ ميٽا جاري ڪيا هئا).
هڪ نئين رپورٽ موجب 10 نومبر تائين ٿريڊز واهپيدارن جو انگ 14 ڪروڙ کان ٽپي ويو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.