افغانين جي نيڪالي خلاف درخواست، وفاق ۽ صوبائي حڪومتن کي نوٽيس جاري

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ افغان شهرين جي نيڪالي خلاف درخواست ايندڙ هفتي ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪندي وفاق ۽ صوبائي حڪومتن کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا.
اڱاري ڏينهن سپريم ڪورٽ گذريل ٻڌڻي جو لکت حڪم نامو جاري ڪندي اٽارني جنرل کي عدالت جي مدد لاءِ طلب ڪري ورتو.
عدالت اپيڪس ڪميٽي کي به نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو.
عدالت عظميٰ جي لکت حڪم نامي موجب درخواستگذار طرفان وڏي پئماني تي افغان پناهگيرن جي بي دخلي جي نگران حڪومت جي اختيارن کي چئلينج ڪيو ويو آهي.
حڪم نامي ۾ لکيو ويو ته درخواستگذار جي وڪيل چيو ته نگران حڪومت کي آئيني ۽ قانوني اختيار ناهي ته اها افغان پناهگيرن کي غير انساني طريقي سان بي دخل ڪري.
حڪم نامي موجب درخواستگذار جي وڪيل سپريم ڪورٽ پريڪٽس اينڊ پروسيجر جي سيڪشن چار جي نشاندهي ڪئي ۽ چيو ته ان تحت آئيني تشريح جي ڪيسن جي ٻڌڻي گهٽ ۾ گهٽ 5 رڪني لارجر بئنچ ڪندي.
حڪم نامي ۾ رجسٽرار کي چيو ويو آهي ته ڪيس کي ايندڙ ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪيو وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.