ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۾ آٽو انڊسٽري جي بحراني صورتحال ۽ مالي مسئلا ظاهر ٿي ويا آهن.
خساري ۽ مالي ڏکيائين کي منهن ڏيندڙ پاڪستان سوزوڪي موٽرز پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج مان ڊي لسٽ ڪرڻ لاءِ درخواست ڏئي ڇڏي.
سوزوڪي موٽرز طرفان اسٽاڪ ايڪسچينج کي لکيل خط ۾ چيو ويو آهي ته مسلسل مالي نقصان سبب ڪمپني جي بورڊ آف ڊائريڪٽرز ڪمپني کي اسٽاڪ ايڪسچينج مان ڊي لسٽ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.