طلاق جون خبرون اچي ويون، ايشوريا ۽ ڌيءُ جي وڊيو وائرل

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ جوڙي اڀيشيڪ بچن ۽ ايشوريا راءِ بچن جي شادي خطري ۾ هجڻ جا افواهه گردش ۾ آهن جنهن دوران اڀيشيڪ جي وڊيو تيزي سان وائرل ٿي آهي پر ٻئي پاسي ايشوريا راءِ کي ڌيءَ سان هڪ تقريب ۾ ڊانس ڪندي ڏٺو ويو آهي.

ميڊيا رپورٽن موجب ٻڌايو ويو آهي ته جونيئر بچنز وچ ۾ سڀ ڪجهه ٺيڪ ناهي ۽ امڪان آهي ته هنن ڌار ٿيڻ لاءِ درخواست ڏئي ڇڏي آهي.

جيتوڻيڪ ايشوريا ۽ اڀيشيڪ طرفان اهڙين خبرن جي ترديد يا تصديق ناهي ڪئي وئي پر اڳ ڪٿيون ان وقت زور وٺي ويون جڏهن اداڪار کي پنهنجي شادي جي منڊي کانسواءِ ڏٺو ويو.

واهپيدارن طرفان 16 سال پراڻي شادي کي تنقيد جو نشانو ان لاءِ بڻايو پيو وڃي ڇو ته ٻئي گهٽ نظر ايندا هئا، هڪ ٻئي جي سوشل ميڊيا پوسٽس تان به غير حاضر رهندا هئا.

منڊي نه هجڻ واري خبر تيزي سان وائرل ٿي، اڪثر واهپيدارن ان ڳالهه تي حيراني جو اظهار ڪيو ته ڇا ايشوريا راءِ بچن ۽ اڀيشيڪ بچن واقعي ڌار ٿي رهيا آهن جڏهن ته ٻين کي لڳو ته ممڪن آهي ته منڊي نه پائڻ جو سبب ڪو ٻيو هجي.

جتي شادي ٽٽڻ جون خبرون زور تي آهن اتي ايشوريا جي هڪ ننڍڙي وڊيو انٽرنيٽ تي وائرل ٿي آهي جنهن ۾ کيس آراڌيا بچن سان خوشگوار موڊ ۾ ڊانس ڪندي ڏسي سگهجي ٿو.

ماءُ ڌيءُ ڪنهن تقريب ۾ شريڪ آهن جنهن ۾ ٻئي ڊانس ڪري رهيون آهن.

فالوورز طرفان ان وڊيو کي پسند ڪندي تعريف ڪئي پئي وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.