بجلي کانپوءِ گئس جي اگهه ۾ ڇرڪائيندڙ واڌ جي تياري

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سوئي ناردرن گئس ڪمپني (ايس اين جي سي) گئس وڌيڪ مهانگي ڪرڻ جي تياري ڪري ورتي.
گئس واهپيدارن لاءِ بري خبر اچي وئي، ڇو ته سوئي ناردرن گئس وڌيڪ 137.62 سيڪڙو مهانگي ڪرڻ جي درخواست داخل ڪري ڇڏي آهي.
سوئي ناردرن طرفان گئس 1715 رپيا في ايم ايم بي ٽي يو مهانگي ڪرڻ جي درخواست ڪئي وئي آهي.
اوگرا طرفان سوئي ناردرن جي درخواست تي 11 ڊسمبر تي ٻڌڻي ڪئي ويندي.
گئس جي اگهه ۾ واڌ پهرين جولاءِ 2023 کان گهري وئي آهي، درخواست 24-2023 جي آمدني ضرورتن ۾ کوٽ پوري ڪرڻ لاءِ داخل ڪئي وئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.