پي ٽي آءِ جي 8 اڳواڻن جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري

لاهور (ويب ڊيسڪ) لاهور جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت 9 مئي ڀڃ ڊاهه جي ڪيس ۾ 8 پي ٽي آءِ اڳواڻن جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا.
لاهور جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي جج عبهر گل پوليس جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي، جنهن دوران عدالت 8 پي ٽي آءِ اڳواڻن جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪيا.
عدالت حافظ فرحت، مراد سعيد، اعظم خان، حامد رضا ۽ امتياز شيخ سميت ٻين جا گرفتاري وارنٽ جاري ڪيا.
پوليس موقف ڏنو ته جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڪوشش ڪئي، اهي روپوش ٿي ويا آهن، سندن خلاف سرور روڊ ٿاڻي تي ڪيس داخل آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.