اسٽاڪ ايڪسچينج بلندين تي، انڊيڪس 63 هزار جي سطح به پار ڪري ويو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ اڄ ڪاروبار دوران 100 انڊيڪس نئين تاريخي بلندي حاصل ڪري ورتي.
پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج جو 100 انڊيڪس اڱاري ڏينهن پهريون ڀيرو 63 هزار ٿيو پر ڪاروبار جي پڄاڻي 462 پوائنٽن جي واڌ سان 62 هزار 956 تي ٿي.
100 انڊيڪس ڪاروبار جي پڄاڻي کان ڪجهه منٽ اڳ پنهنجي تاريخ جي بلند ترين سطح 63 هزار 36 به ٺاهي.
بازار ۾ اڄ 76 ڪروڙ 54 لک شيئرز جا سودا ٿيا، جن جي ماليت 30 ارب 85 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ رهي.
ان کانسواءِ مارڪيٽ ڪيپٽلائيزيشن 87 ارب رپيا وڌي 9 هزار 93 ارب رپيا آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.