ڪراچي ۾ ڦورن مزاحمت تي آن لائن فوڊ ڊليوري ڪمپني جي رائيڊر کي ماري ڇڏيو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ ميٽرڪ بورڊ آفيس ڀرسان ڦورن مزاحمت تي آن لائن فوڊ ڊليوري ڪمپني جي رائيڊر کي گولي هڻي ماري ڇڏيو.
پوليس موجب ميٽرڪ بورڊ آفيس ڀرسان فائرنگ ۾ ارسلان نالي شخص زخمي ٿيو، جنهن کي اسپتال نيو پئي ويو ته هن رستي ۾ دم ڏئي ڇڏيو.
اکين ڏٺن شاهدن ٻڌايو ته موٽر سائيڪل تي سوار ٻه ڦورن رائيڊر کان ڦرلٽ ڪئي ۽ مزاحمت تي کيس گولي هڻي ڇڏي، مقتول ارسلان نارٿ ڪراچي سيڪٽر سيون ڊي جو رهواسي هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.