بلوچستان جي ڊاڪٽر عاليه حيدر ڪوپ 28 ۾ فرنٽ لائن ڪلائمينٽ هيلٿ ايوارڊ کٽي ورتو

دبئي ايڪسپو ۾ ماحوليات تي جاري عالمي ڪانفرنس ڪوپ 28 ۾ پاڪستان هڪ ٻيو اعزاز پنهنجي نالي ڪري ورتو، بلوچستان جي ڊاڪٽر عاليه حيدر فرنٽ لائن ڪلائمميٽ هيلٿ ايوارڊ کٽي ورتو.
ڊاڪٽر عاليه 2022 ۾ سنڌ، بلوچستان ۽ پنجاب جي ٻوڏ سٽيل علائقن ۾ فري ميڊيڪل ڪئمپون لڳايون، ٻوڏ متاثرن کي مفت طبي سهولتون فراهم ڪيون، خدمتن جي اعتراف ۾ کيس ان اعزاز سان نوازيو ويو.
ڊاڪٽر عاليه حيدر جو واسطو بلوچستان جي هزارا برادري سان آهي، هن شروعاتي تعليم ڪوئيٽا ۾ نسل نو هزارا اسڪول مان حاصل ڪئي ۽ ايف ايس سي اسلاميه گرلس ڪاليج ڪوئيٽا مان ڪئي، جنهن کانپوءِ هوءَ ايم بي بي ايس ڪرڻ چين هلي وئي.
چين مان ايم بي بي ايس ڪرڻ کانپوءِ ڊاڪٽر عاليه حِدر لاهور ۾ باقاعدي طور ميڊيڪل شعبي ۾ خدمتون انجام ڏيڻ شروع ڪري ڇڏيون، ان دوران هوءَ ماحوليات ۽ سماجي شعبي ۾ گهڻي سرگرم رهي.
واضح رهي ته ڪوپ 28 ۾ پاڪستاني شاگرد به موسمياتي تبديلين جي حوالي سان ٿيندڙ زايد سسٽين ايبلٽي ايوارڊ کٽي چڪا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.