تاريخي فتح، پاڪستان وومينز ٽيم پهريون ڀيرو نيوزيلينڊ کان ٽي ٽوئنٽي سيريز کٽي ورتي

ڊونيڊن (ويب ڊيسڪ) پاڪستان وومينز ڪرڪيٽ ٽيم نيوزيلينڊ خلاف تاريخي فتح حاصل ڪندي پهريون ڀيرو ٽي ٽوئنٽي سيريز کٽي ورتي.
ڊونيڊن ۾ کيڏيل سيريز جي ٻي ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾ نيوزيلينڊ جي ٽيم ٽاس کٽي پاڪستان کي بيٽنگ جي دعوت ڏني، جنهن 20 اوورن ۾ 6 وڪيٽن جي نقصان تي 137 رنسون ٺاهيون.
پاڪستان طرفان منيبه علي 35، عاليه رياض 32 ۽ بسمه معروف 21 رنسن جي اننگز کيڏي.
جواب ۾ نيوزيلينڊ جي ٽيم 7 وڪيٽن جي نقصان تي 127 رنسون ٺاهي سگهي، فاطمه ثنا 3 ۽ سعديه اقبال 2 وڪيٽون ورتيون.
پاڪستان وومينز ٽيم ميچ ۾ 10 وڪيٽن تان ڪاميابي ماڻي 3 ميچن جي سيريز 0-2 تان پنهنجي نالي ڪري ورتي، ٻنهي ٽيمن ۾ آخري ميچ 9 ڊسمبر تي کيڏي ويندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.