نظر جي ڪمزوري جو گهر ويٺي آسان ۽ بهترين علاج

نظر جي ڪمزوري جا ڪيترائي سبب آهن، جيڪي اکين سميت مختلف بيمارين جو شڪار ڪري سگهن ٿا، ان جو سڀ کان اهم ڪارڻ عمر جو وڌڻ به آهي.
گڏوگڏ ڪمپيوٽر اسڪرين جو دير تائين استعمال، موبائل فون جو استعمال، اوجاڳو به نظر تي گهرو اثر وجهي ٿو، تنهن ڪري رڳو پنهنجي اکين کي ڪجهه منٽن تائين آرام ڏيڻ ڪافي ناهي پر احتياط جي به ضرورت آهي.
نجي ٽي وي جي شو ۾ ڊاڪٽر عيسيٰ نظر جي ڪمزوري جي حوالي سان هڪ اهم نسخو ٻڌايو، جنهن تي عمل ڪري ڪجهه مهينن ۾ نظر جي ڪمزوري جي شڪايت ختم ڪري سگهجي ٿي.
ڊاڪٽر عيسيٰ چيو ته هي نخسو وڏن توڙي ٻارن لاءِ انتهائي فائديمند آهي، ان جو ڪو سائيڊ افيڪٽ به ناهي.
هن ٻڌايو ته 50 گرام وڏڦن کي اُکري ۾ چڱي طرح ڪُٽيو، ياد رکو ته اکري ڪاٺ يا پٿر جي هجي لوهه يا اسٽيل جي نه، وڏڦن کي ڪُٽڻ کانپوءِ ڇاڻي ڇڏيو ۽ سنهڙو پائونڊر ڪڍو.
ان کانپوءِ انهن ڪٽيل وڏڦن ۾ ڪابلي چڻن جو پائونڊر به برابر وزن ۾ شامل ڪيو ۽ ذائقي لاءِ مصري به شامل ڪيو، ٻار اهو پائونڊر اڌ چمچو ۽ وڏا هڪ چمچو کير ۾ وجهي صبح شام پيئن.
سندس چوڻ هو ته هڪ کان ٻن مهينن ۾ بهترين نتيجو سامهون اچي ويندو، جيڪڏهن اهو کائڻ سان توهان کي مٿي ۾ سور پئي ته پريشان نه ٿيو، ڇو ته ان جو مطلب آهي نظر بهتر ٿي رهي آهي، تنهن ڪري چشمي جو نمبر چيڪ ڪرايو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.