هي ڪهڙي مشهور گلوڪارا جي تصوير آهي؟

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ننڍپڻ جون شوبز شخصيتن جون تصويرون سوشل ميڊيا جي زينت بڻجنديون رهن ٿيون، انهن مان هڪ تصوير به سامهون اچي وئي آهي جنهن تي مداح حيران ٿي ويا آهن.

هوءَ اولهه بنگال جي هڪ ڳائڻي آهي جنهن بالي ووڊ ۾ پنهنجي ڪيريئر جي شروعات ۾ نيشنل ايوارڊ ماڻيو.

ڳائڻي ڪامياب ڪيريئر هڪ پلي بيڪ سنگر جي حيثيت سان سنجي ليلا ڀنسالي جي بلاڪ بسٽر ديوداس سان شروع ڪيو ۽ اڄڪلهه هندستان جي مشهور ڳائڻي آهي.

ڳائڻي ڪيترن ئي ميوزڪ پروگرامن جي ميزباني ڪري چڪي آهي ۽ اپريل 2013 ۾ آمريڪي رياست اوهائيو جي ان وقت جي گورنر سندس نالي هڪ ڏينهن ملهايو هو.

جيڪڏهن توهان ان جا پرستار آهيو ته توهان اندازو لڳائي ويا هوندا ته اها ڳائڻي شريا گهوشال آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.