ن ليگ ۽ جي يو آءِ ۾ سيٽ ايڊجسٽمينٽ تي اتفاق

لاهور (ويب ڊيسڪ) ن ليگ قائد نواز شريف سان جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان ملاقات ڪئي، جنهن ۾ سنڌ ۾ ايم ڪيو ايم ۽ ٻين هم خيال جماعتن سان گڏجي چونڊ اتحاد بڻائڻ تي اتفاق ٿي ويو، جڏهن ته ن ليگ ۽ جي يو آءِ وچ ۾ بلوچستان ۽ خيبر پختونخواهه لاءِ سيٽ ايڊجسٽمينٽ تي به اتفاق ٿيو.
جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف سان ملاقات لاءِ ن ليگ جي مرڪزي سيڪريٽريٽ ماڊل ٽائون پهتو، ن ليگ قائد نواز شريف پارٽي صدر شهباز شريف سان گڏ سندس آجيان ڪئي.
ان موقعي تي نواز شريف ۽ مولانا فضل الرحمان ۾ ملاقات ٿي، جنهن ۾ مريم نواز، اسحاق ڊار، احسن اقبال، سعد رفيق، مريم اورنگزيب ۽ ٻيا به موجود هئا.
ملاقات ۾ ملڪي مجموعي سياسي صورتحال جي حوالي سان خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، ايندڙ عام چونڊن سميت ٻنهي جماعتن جي سياسي حڪمت عملي تي غور ويچار ڪيو ويو، ن ليگ ۽ جي يو آءِ وچ ۾ سيٽ ايڊجسٽمينٽ بابت فارمولي تي ڳالهه ٻولهه ٿي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.