جسٽس عقيل عباسي جي سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس طور نامزدگي منظور

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) جڊيشل ڪميشن جسٽس عقيل احمد عباسي جي سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس طور نامزدگي جي منظوري ڏئي ڇڏي.
چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي صدارت هيٺ جديشل ڪميشن جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ جسٽس عقيل احمد عباسي جي نالي تي غور ڪيو ويو.
اجلاس ۾ جسٽس عقيل احمد عباسي جي سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس طور نامزدگي جي منظوري ڏني وئي.
جسٽس عقيل احمد عباسي جي سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس طور نامزدگي جي منظوري اتفاق راءِ سان ڏني وئي.
جڊيشل ڪميشن پنهنجون سفارشون منظوري لاءِ پارلياماني ڪميٽي کي موڪليندي.
جسٽس عقيل احمد عباسي هن وقت سنڌ هاءِ ڪورٽ جي قائم مقام چيف جسٽس طور ذميواريون نڀائي رهيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.