بشير ميمڻ من پسند مقرريون ڪرائي رهيو آهي، ايم ڪيو ايم لسانيت چاهي ٿي: سعيد غني

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پيپلز پارٽي ڪراچي جي صدر سعيد غني جو چوڻ آهي ته ايم ڪيو ايم مختلف ادارن تي دٻاءُ وجهڻ لاءِ پي ٽي آءِ جو رستو اختيار ڪري رهي آهي.

پنهنجي پريس ڪانفرنس ۾ سعيد غني چيو ته اڳوڻي پي ٽي آءِ چيئرمين ادارن تي الزام هنيا، جي ڊي اي، ايم ڪيو ايم ۽ بشير ميمڻ به ساڳيو ڪم ڪري رهيا آهن، بشير ميمڻ آفيسرن کي فون ڪري ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي.

هن چيو ته سڀ گڏجي به پيپلز پارٽي کي شڪست نٿا ڏئي سگهن، پيپلز پارٽي جا مخالف هاڻي پيپلز پارٽي ۾ شامل ٿي رهيا آهن.

پ پ اڳواڻ وڌيڪ چيو ته ايم ڪيو ايم جو اڳوڻو ميمبر پيپلز پارٽي ۾ شامل ٿي رهيو آهي، اڳوڻو ايم پي اي شيراز وحيد پ پ ۾ شامل ٿي ويو آهي، شيراز وحيد پ پ کي اڳتي وڌائڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندو.

هن چيو ته نگران سيٽ اپ ۾ جيڪي آفيسر هئا انهن کي ٻيهر هٽايو ويو، روزاني جي بنياد تي آفيسرن جون بدليون ٿي رهيون آهن، نگران حڪومت ۾ پيپلز پارٽي جي درخواست تي ڪو به آفيسر مقرر نه ڪيو ويو.

ايم ڪيو ايم بابت سندس چوڻ هو ته جڏهن به چونڊون ويجهيون اينديون آهن ايم ڪيو ايم چاهيندي آهي ته لسانيت ۽ تعصب پيدا ٿئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.