خوبصورت ٻيٽ سستي اگهه تي وڪري لاءِ پيش

فلوريڊا: (ويب ڊيسڪ) آمريڪا جو هڪ خانگي ٻيٽ جيڪو ڪنهن وقت آمريڪي ٽي وي سيريز ۾ ڏيکاريو ويندو هو هاڻي 2.5 ملين ڊالرن ۾ وڪري لاءِ پيش ڪيو ويو آهي.

آمريڪي ميڊيا موجب فلوريڊا جو ٻيٽ پريٽي جو راڪ جنهن کي سي شيل به چيو ويندو آهي، ميراٿون کان ٿورو پري واقع آهي ۽ پرائيويٽ آئيلينڊز انڪ جي ويب سائيٽ تي 2.5 ملين ڊالرن ۾ وڪري لاءِ پيش آهي.

ويب سائيٽ موجب هي خوبصورت ٻيٽ فلوريدا ۾ هڪ خوبصورت خطي کي پنهنجي ملڪيت ۾ وٺڻ جو غيرمعمولي موقعو فراهم ڪري ٿو. خوابن جي گهر جي طور تي خريد ڪري سگهجي ٿو يا موڪلون گذارڻ لاءِ بهترين جاءِ آهي جتي ڪرائي تي گهر به ڏئي سگهجن ٿا.

9190 اسڪوائر فت جي ٻيٽ کي 2014 ۾ بائنگ بيچ سيريز ۾ ڏيکاريو ويو هو پر ان ٻيٽ تي ٺهيل گهر 2017 ۾ هڪ سامونڊي طوفان سبب تباهه ٿي ويو هو.

اشتهار ۾ اهو به چيو ويو آهي ته هتي هڪ بلڪل نئون فيملي گهر ٺاهڻ جو منصوبو جاري آهي جتي نار ميڪسيڪو جا شاندار نظارا ۽ سج اڀرڻ جا منظر به ڏسي سگهبا. ان کانپوءِ ٻيٽ تي پاڻي ۽ بجلي جي سهولت هوندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.