گلالئي اسماعيل جو نالو دهشتگردن جي فهرست ۾ شامل

پشاور (ويب ڊيسڪ) خيبر پختونخواهه ۾ عورت دهشتگردن جي فهرست ۾ ناليواري سماجي ڪارڪن گلالئي اسماعيل جو نالو به شامل آهي.
دستاويز موجب گلالئي اسماعيل جو نالو 7 جون 2019 کان ٽيرر فنانسنگ جي الزام ۾ فهرست ۾ شامل آهي.
آمريڪا ۾ پاڻمرادو جلا وطني اختيار ڪندڙ گلالئي اسماعيل تي شدت پسندن کي مالي مدد فراهم ڪرڻ جو الزام آهي، گلالئي اسماعيل خلاف دهشتگردي روڪ قانون تحت قلم داخل آهن.
خيبر پختونخواهه جي دهشتگردي ٽوڙ کاتي دهشتگردي ۾ ملوث 50 کان وڌيڪ عورتن جي فهرست جاري ڪئي هئي.
ان تي ردعمل ڏيندي گلالئي اسماعيل چيو ته منهنجو نالو دهشتگردن جي فهرست ۾ شامل ڪري سي ٽي ڊي پنهنجو مذاق اڏايو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.