شعيب ملڪ ٽي ٽوئنٽي ڪرڪيٽ ۾ هڪ ٻيو ڪارنامو انجام ڏئي ڇڏيو

قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان شعيب ملڪ ٽي ٽوئنٽي ڪرڪيٽ ۾ هڪ ٻيو ڪارنامو انجام ڏئي ڇڏيو.
شعيب ملڪ جا ٽي ٽوئنٽي ڪرڪيٽ ۾ هڪ هزار چوڪا مڪمل ٿي ويا آهن، هو هزار چوڪا لڳائيندڙ پهريون پاڪستاني بڻجي ويو آهي.
شعيب ملڪ اڄ نيشنل ٽي ٽوئنٽي ۾ سيالڪوٽ جي نمائندگي ڪندي راولپنڊي خلاف 6 چوڪن ۽ 4 ڇڪن جي مدد سان 84 رنسون ٺاهيون ۽ اهو اعزاز پنهنجي نالي ڪيو.
پاڪستاني آل رائونڊر اهو ڪارنامو انجام ڏيندڙ مجموعي طور تي دنيا جون اٺون رانديگر آهي، هن 482 اننگز ۾ هڪ هزار چوڪا مڪمل ڪيا آهن.
ان کانسواءِ شعيب ملڪ ٽي ٽوئنٽي ڪيريئر ۾ 400 ڇڪا به مڪمل ڪري ويا، هو 400 ڇڪا هڻندڙ به پهريون پاڪستاني آهي.
واضح رهي ته شعيب ملڪ جون ٽي ٽوئنٽي ڪرڪيٽ ۾ 12 هزار رنسون مڪمل ٿي چڪيون آهن، هو اهو ڪارنامو انجام ڏيندڙ دنيا جو ٻيو بيٽر آهي، ان فهرست ۾ ويسٽ انڊيز جو ڪرس گيل پهرئين نمبر آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.