اها جاءِ جتي مرد، پنهنجي ڀنرن ۽ ڌيئرن سان شادي ڪري ڇڏيندا هئا

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) نساني معاشري ۾ اهڙيون ڪيتريون ئي روايتون موجود آهن جن کي ٻڌي حيراني ٿيندي آهي ڇا ائين به ٿي سگهي ٿو؟

پر جيڪڏهن ماضي ۾ جهاتي پائجي ته اهي رسمن رواجن جي ابتڙ مصر جي فرعونن جي هڪ قديم روايت اوهان جو مٿو ڦيرائي ڇڏيندي.

کوڙ روايتون اهڙيون آهن جيڪي ڪيترائي سال اڳ ختم ٿي چڪيون آهن ڇو ته اهي عجيب هيون.

اهڙي هڪ عجيب روايت قديم مصر ۾ موجود هئي جتي مرد پنهنجي ئي ڀيڻ يا ڌيءَ سان شادي ڪري ڇڏيندا هئا.

اها روايت جيتري عجيب لڳي ٿي ان جي پٺيان سبب به عجيب هو.

لائيو سائنس جي هڪ رپورٽ موجب قديم مصر ۾ کوڙ بادشاهه ۽ شاهي ڪتنب اهڙا هئا جيڪي پنهنجي ئي ڪٽنب ۾ شاديون ڪندا هئا.

انهن ۾ سڀ کان مشهور نالو ريمسيس (ٻيون) نالي بادشاهه جو آهي جنهن پنهنجي ئي ڌيءَ سان شادي ڪئي هئي. اهڙي ريت راڻي ڪليوپيٽرا (ڇهين) پنهنجي ڀاءُ سان شادي ڪئي هئي.

30 سال قبل مسيح کان 395 عيسوي تائين جڏهن مصر تي رومين جي حڪومت ته ان دوران ڪٽنبن ۾ شاديون عام ڳالهه ٿي چڪيون هيون.

ڪيترائي ڀيرا مصر جا بادساهه هڪ کان وڌيڪ شاديون ڪندا هئا ۽ ڪيترائي ڀيرا برينڊنگ جي ڪري ايندڙ نسل ۾ ڪيتريون ئي بيماريون جنم وٺنديون هيون.

مصر جا ٻه اهم ديوتا اوسائرس ۽ آئيسيس به پهريان ڀاءُ ڀيڻ هئا ۽ هنن هڪ ٻئي سان شادي ڪئي هئي.

ان جي ڪري عام ماڻهو به ڪٽنبن ۾ شادي جي روايت کي معمول سمجهندا هئا.

سوئزرلينڊ جي يونيورسٽي آف بيسل ۾ پروفيسر سبين هيوبنر موجب رومين کان اڳ ڀاءُ ڀيڻ يا پيءُ ۽ ڌيءَ جي شادين جا معاملا رڳو مصر جي شاهي ڪٽنبن ۾ هوندا هئا پر جڏهن رومين مصر تي قبضو ڪيو ته اهو عام ٿي ويو.

ان کانپوءِ اهڙيون شاديون عام شهرين ۾ به ٿيڻ لڳيون.

هستري اسڪلز ويب سائيٽ جي رپورت موجب شاهدي ڪٽنب جا ماڻهو پنهنجي ايندڙ نسل يعنيٰ پنهنجي رت جي نسل کي صاف سٿرو ۽ شاهي رکڻ چاهيندا هئا.

اهو ئي سبب آهي جو اهي رڳو ڀينرن ۽ ڌيئرن سان شادي ڪندا هئا جن مان ٿيندڙ ٻار مڪمل رت جو رشتو هوندو هو ۽ تخت سنڀالڻ لاءِ اهل سمجهيو ويندو هو.

ٻيو سبب اهو هو ته هو اقتدار حاصل ڪرڻ جي دعويدارن کي هٽائڻ چاهيندا هئا.

جيڪڏهن هو پنهنجي ڀاءُ يا ڀيڻ سان شادي ڪري وٺندا هئا ته اقتدار لاءِ پاڻ ۾ جهيڙا نه ٿيندا هئا.

بادشاهن ۽ راڻين کي ڏسي ڪجهه عام ماڻهو به اهڙيون شاديون ڪرڻ لڳا پر عام ماڻهن جو اهڙيون شاديون ڪرڻ جو سبب معاشي توازن هو.

پر والدين طرفان ڌيءَ هوندي هئي ته اها شادي بعد ڌيءَ جي رخصتي نه ڪرڻ چاهيندا هئا ته جيئن پوڙهائپ ۾ سندن سار سنڀال ڪرڻ وارو ڪو هجي.

اهو ئي سبب آهي جو والدين ڌيءَ سان شادي کان ڪجهه وقت اڳ يا ننڍپڻ ۾ هڪ پٽ هنج وٺندا هئا. ان صورتحال ۾ هو پنهنجي ڌيءَ جي شادي ڪنهن هنج ورتل ٻار سان ڪري ڇڏيندا هئا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.