پ پ جو نواز شريف ۽ فضل الرحمان تي وڏو الزام

لاڙڪاڻو (ويب ڊيسڪ) پ پ سنڌ جي صدر نثار کهڙي چيو آهي ته نواز شريف ۽ فضل الرحمان چونڊن ۾ دير چاهين ٿا.
لاڙڪاڻي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي نثار کهڙي چيو ته نواز شريف ۽ فضل الرحمان بهانو بڻائي چونڊن ۾ دير چاهين ٿا، پڇان ٿو ته ڇا فضل الرحمان ڪنهن ٻئي جي چوڻ تي سياست ڪري رهيو آهي؟
هن چيو ته نواز شريف کي پنجاب ۾ موٽ نه پئي ملي، تنهن ڪري هو چونڊن کان گهٻرائي رهيو آهي، تڪ بندين ۾ تبديلين خلاف عدالتي فيصلو ٿيڻ جو ڪو ٽائم فريم نه ڏنو ويو، جنهن سبب چونڊن ۾ دير ٿي سگهي ٿي.
سندس چوڻ هو ته اليڪشن ڪميشن تڪ بندين خلاف اعتراضن جي فيصلي جو ٽائم فريم مقرر ڪري.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.