اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي سليڪشن ڪميٽي ۾ تڪراري مقرري جو سخت نوٽيس وٺندي سلمان بٽ جي سليڪشن ڪميٽي ڪنسلٽنٽ طور مقرري رد ڪري ڇڏي.
وزيراعظم پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جو سرپرست اعليٰ آهي، جنهن جي هدايت تي پي سي بي فوري طور اها تڪراري مقرري رد ڪري ڇڏي.
نگران وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۾ ٽئلينٽ جي کوٽ ناهي، ڪرڪيٽ جهڙي مقبول ۽ پاڪستانين جي پسدنديده راند لاءِ رانديگرن جي سليڪشن ڪميٽي کي به تڪراري نه هجڻ گهرجي.
هن پي سي بي جي سليڪشن ڪميٽي ۾ غير تڪراري ۽ سٺي شهرت رکندڙ سليڪٽرن کي شامل ڪرڻ جي به هدايت ڪئي.
سندس چوڻ هو ته پاڪستان ڪرڪيٽ کي ان جي شاندار ماضي جيان هڪ ڀيرو ٻيهر ڪاميابي ڏيارڻ لاءِ سموريون مقرريون ميرٽ تي ڪيو.
ان حوالي سان لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيف سليڪٽر وهاب رياض چيو ته سلمان بٽ کي هٽايو ويو آهي، سندس جاءِ تي اسد شفيق هوندو.
هن چيو ته ڪنهن جو دٻاءُ نه هو، سلمان بٽ کي ڪنسلٽنٽ بڻائڻ جو فيصلو مان ئي ڪيو هو، هاڻ کيس هٽائڻ جو فيصلو به مان ئي ڪري رهيو آهيان.
سندس چوڻ هو هونئن ته سلمان بٽ پنهنجي ڪيل ڏوهه جي سزا ڀوڳي چڪو آهي پر نٿو چاهيان ته ان بابت وڌيڪ غلط ڳالهيون ڪيون وڃن، بورڊ کي خراب ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، فيصلو منهنجو ئي آهي، اهو به چيو ويو ته سلمان بٽ سان منهنجي دوستي آهي، سٺو ڪرڻ چاهيون پوءِ به تنقيد ٿيندي آهي، هر ڪنهن کي خوش نٿو رکي سگهجي.
You might also like