چلاس: فائرنگ جو نشانو بڻيل بس جو ٽرڪ سان ٽڪر، 8 ڄڻا فوت، 26 زخمي

چلاس (ويب ڊيسڪ) قراقرم شاهراهه تي بڊور ڀرسان اڻڄاتل ماڻهن بس تي فائرنگ ڪري ڏني، جنهن سبب بس ٽرڪ سان ٽڪرائجڻ جي نتيجي ۾ 8 ڄڻا فوت ۽ 26 ڄڻا زخمي ٿي پيا.

ڊپٽي ڪمشنر چلاس عارف احمد ٻڌايو ته فائرنگ جو نشانو بڻجندڙ بس جو ٽرڪ سان ٽڪر ٿيو، جنهن جي نتيجي ۾ ٽرڪ ۾ باهه لڳي وئي.

هن چيو ته امدادي ٽيمون واقعي واري هنڌ پهچي ويون، زخمين کي ريجنل هيڊ ڪوارٽر اسپتال چلاس منتقل ڪيو ويو.

پوليس اختيارين ٻڌايو ته لاشن کي به اسپتال نيو ويو آهي، مسافر بس غذر کان راولپنڊي وڃي رهي هئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.