ڪراچي (ويب ڊيسڪ) مرحوم عامر لياقت جي اڳوڻي زال ۽ اداڪارا طوبيٰ انور چيو آهي ته جيڪڏهن زال مڙس وچ ۾ سٺو تعلق قائم ناهي ٿي رهيو ته بهتر آهي ته هو عزت سان رستا ڌار ڪري ڇڏين ڪو به شخص خوشي سان پنهنجو گھر برباد ناهي ڪرڻ چاهيندو، ماڻهن کي صفائيون ڏيڻ بدران ماضي ۾ پنهنجا نجا مسئلا پاڻ حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي.
اداڪارا طوبيٰ انور تازو ئي هڪ پوڊ ڪاسٽ ۾ شرڪت ڪئي جتي هن ماضي ۾ پيش آيل ڏکيائين مان نڪرڻ تائين جي سفر بابت ڳالهه ٻولهه ڪئي.
اداڪارا چيو ته ذاتي طور تي مون کي لڳندو آهي ته آئون خوش قسمت رهي آهيان ڇو جو منهنجي فيملي سدائين منهنجو ساٿ ڏنو آهي، آئون پنهنجي زندگي ۾ ڏکيو وقت ڏٺو آهي جتي آئون محسوس ڪيو ته هاڻي آئون زندهه نه رهنديس، بس ختم ٿي وينديس، اهڙو وقت به آيو جو 6،6 مهينن تائين ڪنهن سان به نه ڳالهايو.
هن چيو ته جيڪڏهن شادي شدهه جوڙي ۾ جهِيڙو ۽ مسئلا هلي رهيا آهن ته ماڻهو مشورا ڏيندا آهن ته ٻار پيدا ڪريو سڀ مسئلا حل ٿي ويندا.
سندس چوڻ هو ته هڪ شخص اڳ ئي ڏکئي وقت مان گذري رهيو آهي پوءِ هڪ ٻيو انسان پيدا ڪري ڇا اوهان ان کي به ڏکيائين ۾ وجهڻ چاهيو ٿا، پهريان جوڙي کي پاڻ ۾ لاڳاپا صحيح ڪرڻ گھرجن.
اداڪارا چيو ته جيڪڏهن ٻن ماڻهن ۾ سٺو تعلق قائم ناهي ٿي رهيو ته بهتر آهي ته اهي عزت سان پنهنجا رستا ڌار ڪري ڇڏين.
Prev Post
You might also like