24 ٻارن جي پيءُ جي شاهه رخ خان کي ڌمڪي

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ ڪنگ شاهه رخ خان جي فلم ڊنڪي جي رليز جيئن جيئن ويجهو اچي رهي آهي ان جو تجسس وڌي رهيو آهي، اهڙي صورتحال ۾ 24 ٻارن جي هڪ پيءُ شاهه رخ خان کي وڏي نقصان جي ڌمڪي ڏئي ڇڏي آهي.

شاهه رخ خان اڪثر پنهنجي مداحن لاءِ سوالن جوابن جو سيشن رکندو آهي جنهن ۾ هو مداحن جي سوالن جا جواب ڏيندو آهي.

هن ڊنڪي بابت هڪ سيشن رکيو جنهن ۾ مداحن جي سوالن جا جواب ڏنا.

انهن مداحن مان هڪ شاهه رخ خان کي کليل لفظن ۾ اهڙي ڌمڪي ڏني جو شاهه رخ خان به جواب ڏيڻ کانسواءِ نه رهي سگهيو.

واهپيدار شاهه رخ خان کي لکيو ته مون سان محبت ڪر، نه ته مان پنهنجي چئني زالن، 24 ٻارن ۽ 50 پاڙيسرين کي ڊنڪي ڏسڻ جي اجازت نه ڏيندس.

انوکي مداح ڌمڪي ڏيڻ بعد شاهه رخ خان کان پڇيو ڇا ايترو وڏو نقصان برداشت ڪري سگهندين؟

شاه رخ خان مزاحيه ڌمڪي جو جواب به ڀوڳن ۾ ڏيندي لکيو ته ڀاءُ هونئن ئي تون ايڏو مصروف رهندو هوندين، توکي وقت ڪٿي ملندو هوندو ڪجهه ڪرڻ جو.

هن وڌيڪ لکيو ته مهرباني ڪري پنهنجي زال ۽ ٻارن سان وقت گذارجان، ٻارن سان سٺو پيش اچجان، ۽ پنهنجي زالن کي ڊنڪي ڏيکارڻ وٺي وڃجان.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.