ارباز خان ۽ سندس اطالوي گرل فرينڊ ڌار ٿي ويا

ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ اداڪارا ارباز خان ۽ سندس اطالوي گرل فرينڊ اداڪارا جارجيا اينڊرياني وچ ۾ عليحدگي ٿي وئي.
ڀارتي ميڊيا موجب جارجيا اينڊرياني پنهنجي تازي انٽرويو ۾ ارباز خان ۽ پنهنجي عليحدگي جي تصديق ڪندي چيو ته آئون ۽ ارباز سٺا دوست آهيون ۽ سدائين رهنداسين، منهنجي دل ۾ هن لاءِ احساس رهندا.
جارجيا ملائڪا اروڙا بابت گردش ڪندڙ خبرن تي وضاحت ڏيندي چيو ته منهنجو ۽ ارباز جو بريڪ اپ ملائڪه جي ڪري ناهي ٿيو پر مون کي ۽ ارباز کي شروع کان ئي خبر هئي ته اسان جو رشتو گھڻو عرصو نه هلندو ڇو جو اسان ٻئي هڪ ٻئي کان مختلف آهيون.
اداڪارا وڌيڪ چيو ته ملائڪه ڪڏهن به اسان جي وچ ۾ ناهي آئي، نه ئي هن اسان جي رشتي کي متاثر ڪيو، آئون ۽ ارباز گڏيل طور تي ڌار ٿيڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.