بنا گيس جي مفت ماني پچائيندڙ چلهو مارڪيٽ ۾ اچي ويو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سوئي گيس تي ماني پچائڻ ته هاڻي خواب بڻجي ويو آهي پر کاڌو ته پچائڻو آهي، سيارو آهي، وري وري پاڻي به گرم ڪرڻو آيه ته ان لاءِ اڄ اسان اوهان کي سستي چلهي بابت ٻڌائينداسين جيڪو کاڌو به پچائيندو ۽ خرچ به بچائيندو.

هي سولر چلهو آهي جيڪو موبيل آئل سان هلندو آهي، هي اهو ئي تيل آهي جيڪو موٽرسائيڪل يا جنريٽر ۾ وڌو ويندو آهي، هن تيل جو اگهه 180 رپيا دٻي هوندو آهي، تيل ڦڙن جي صورت ۾ چلهي ۾ ويندو آهي ۽ چلهو ٻرندو آهي.

سولر چلهو وڏي ديڳ جو وزن به برداشت ڪري سگهي ٿو ۽ ان جي باهه به تيز هوندي آهي.

سولر چلهي جو اگهه 4350 رپيا آهن ۽ ٿانون جي مارڪيٽ ۾ موجود آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.