نيويارڪ (ويب ڊيسڪ) اپيل ڪمپني پاران تازو ئي پنهنجي آپريٽنگ سسٽم آءِ او ايس جو نئون ورجن آءِ او ايس 17 متعارف ڪرايو ويو آهي، جنهن ۾ ”نيب ڊراپ“ جو هڪ فائديمند فيچر به شامل آهي پر آمريڪي پوليس ان فيچر بابت آءِ فون واهپيدارن لاءِ وارننگ جاري ڪري ڇڏي آهي.
رپورٽ موجب ان فيچر جو مقصد آءِ فون واهپيدارن وچ ۾ موبائيل فون نمبرن جي ڏي وٺ ڪرڻ آهي.
پوليس جو چوڻ آهي ته آءِ او ايس 17 ۾ شامل اهو فيچر باءِ ڊيفالٽ ”ان ايبلڊ“ هوندو آهي. ان فيچر جي ذريعي ڪو به شخص اوهان جي آءِ فون جي رينج ۾ اچي پنهنجي رابطي جا نمبرز حاصل ڪري سگھي ٿو جيتوڻيڪ ان جو باءِ ڊيفالٽ ”آن“ هجڻ خطرناڪ ثابت ٿي سگھي ٿو.
آمريڪي رياست پنسلوانيا جي چيسٽر سٽي پوليس ڊپارٽمينٽ پاران جاري ڪيل وارننگ ۾ چيو ويو آهي ته آءِ او ايس 17 جا واهپيدار ان فيچر ”نيم ڊراپ“ کي ”ڊس ايبل” رکن ٻي صورت ۾ ڪو به شخص سندن آءِ فون جي رينج ۾ اچي سندن فون نمبرز تائين پهچ حاصل ڪري سگھي ٿو.
ٻي پاسي سائبر ماهرن جو چوڻ آهي ته پوليس جي اها وارننگ اجائي آهي ڇو جو اهو فيچر تمام محفوظ آهي. ان فيچر ذريعي آءِ فون واهپيدار جي مرضي کانسواءِ ڪو به ان جي فون مان رابطي جا نمبرز حاصل نٿو ڪري سگھي. ڀلي اهو اڳلي جي آءِ فون جي رينج ۾ ڇو نه هجي. ان کانسواءِ جيڪڏهن آءِ فون ”لاڪ“ هجي ته اهو فيچر ڪم ئي نه ڪندو. ان ڪري آءِ فون جو ان لاڪ هجڻ ضروري آهي تهنڪري آءِ او ايس 17 وارا آءِ فون رکندڙ واهپيدار ان فيچر بابت پريشان نه ٿين.
You might also like