لکين رپين جي فون وارا فيچرز نئين سستي فون ۾ !

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اسمارٽ فونز هاڻي هر ماڻهو جي ضرورت آهن پر پسند جو فون مهانگو هوندو آهي.

پر هاڻي اهڙو فون اچي ويو آهي جنهن ۾ مهانگا فيچرز به آهن ۽ سستو به آهي.

ڊي ڪوڊ بولڊ 3 اهڙو فون آهي جيڪو سستو آهي ۽ لکين رپين واري فونز جي برابر فيچرز رکي ٿو.

فون ۾ 1080 ريزوليوشن اسڪرين، سيلفي ڪيمرا لاءِ سڀ کان مٿي پنچ هول ڪٽ آئوٽ ڏنل آهي.

کاٻي پاسي فنگر پرنٽ سينسر ڏنل آهي ۽ فون کي 6 نينو ميٽر ميڊيا ٽيڪهيليو جي 99 ايس او سي پروسيسر ذريعي

طاقتور بڻايو ويو آهي.

فون ۾ 6 جي بي ريم ۽ 128 جي بي تائين ميموري آهي ۽ اينڊرائيڊ 13 او ايس آهي.

فون جي پٺيان 3 ڪيمراز ۾ هڪ 50 ميگاپڪسل جي ڪيمرا آهي.

بيٽري 5 هزار ايم اي ايڇ ۽ 15 واٽ چارجر آهي.

فون جو اگهه رڳو 35 هزار رپيا آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.