سڙيل جسم تي کَلَ لڳائڻ جو طريقو دريافت

آڪسفورڊ (ويب ڊيسڪ) ڊاڪٽرن مريضن جي کل جي سنهڙن ٽڪرن مان ٺهيل پيسٽ کي استعمال ڪندي شديد سڙيل جسم جي علاج جو نئون طريقيڪار واضح ڪري ورتو.
ان طريقيڪار ۾ ران تان کل جو ننڍو صحتمند حصو کنيو ويو ۽ ان کي سنهڙو ڪاٽي هڪ جيل سان گڏ ملايو ويندو آهي ۽ ملم جي صورت ۾ بڻجي ويندڙ ان مرڪب کي زخمن تي لڳايو ويندو آهي.
نتيجن موجب هر ننڍو ٽڪرو پنهنجي حقيقي سائيز کان 500 ڀيرا وڌيڪ وڌي سگھي ٿو جنهن جو مطلب آهي ته ان طريقيڪار کي استعمال ڪندي گرافٽنگ لاءِ تمام گھٽ مقدار ۾ صحتمند کل گھربل هوندي.
ماهرن جو چوڻ آهي ته کل جو پيسٽ استعمال ڪندي مريض جمس تي رهجي ويندڙ مستقل نشانن سان گڏ وڏي وڏي کل جي گرافٽنگ جي اذيت واري عمل کان به بچي سگھندا.
يونيورسٽي آف آڪسفورڊ سان واسطو رکندڙ پلاسٽڪ سرجري ماهر ڊاڪٽر ريام مسٽري جو چوڻ هو ته مريض جي کَل ڪڍڻ مريض لاءِ گھڻو تڪليف ڏيندڙ ٿي سگهي ٿو.
هر سال شديد سڙيل تقريبن 1000 برطانوي شهري کل جي گرافٽنگ ڪرائيندا اهن ۽ انهن مان چوٿون حصو انگ ٻارن جو هوندو آهي. ان عمل ۾ صحتمند کل جو هڪ ٽڪرو کنيو ويندو آهي ۽ سڙيل حصي تي ٽاڪن يا کنئور سان لڳائي ويندي آهي.
سڙيل وڏي حصي لاءِ، کل جا وڏا ٽڪرا لاٿا ويندا آهن ۽ انهن کي حاصل ڪرڻ لاءِ عام طور تي نشي جو استعمال ڪيو ويندو آهي.
ان عمل لاءِ عام طور تي ران جي پٺين حصي پاسي کان کل لاٿي ويندي آهي ۽ ان جو نشان هميشه لاءِ رهجي سگھي ٿو.
پر ڪجهه ماهرن جو چوڻ آهي ته اسڪن پيسٽ ٽيڪنيڪ ان عمل جي طريقي کي ختم ڪري سگي ٿي.
تجربي ۾ جلد جي ٽڪر کي ڪاٽيو ويو ۽ پاڻي تي بڌل جيل ۾ گڏايو ويو ته جيئن جيوگھرڙن کي سڙيل حصي تي رکڻ کان اڳ تر رکي سگھجي.
جن حصن تي اها پيسٽ لڳائي وئي هئي اهي حصا عام گرافٽنگ جي برابر وقت ۾ ئي ٺيڪ ٿيڻ لڳا هئا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.