پي ايس ايل 9 : افتخار ملتان ۽ روسو ڪوئيٽا ڏي هليو ويو

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) پي ايس ايل 9 لاءِ ملتان سلطانز افتخار احمد جون خدمتون حاصل ڪري ورتيون، سندس عيوض رائلي روسو گليڊي ايٽرز جي اسڪواڊ جو حصو بڻجي ويو.

فرنچائزز جي ٽريڊنگ جي نتيجي ۾ ملتان سلطانز افتخار احمد ۽ پهرين پلاٽينم پِڪ جڏهن ته ڪوئيتا گليڊي ايٽرز رائلي روسو ۽ سلور رائونڊ پِڪ جو حق حاصل ڪيو آهي.

افتخار احمد جو چوڻ آهي ته سلطانز جو حصو بڻجڻ تي خوش آهيان، ملتان جي نمائندگي منهنجي لاءِ اعزاز آهي، هتان جي مداحن ۾ ڪرڪيٽ جو جنون آهي، هن چيو ته گذريل ٽن سيزنز دوران فرنچائز جي ڪارڪردگي به شاندار رهي آهي.

ملتان سلطانز جي ڪپتان محمد رضوان بيٽر کي ويلڪم ڪندي چيو ته ٽيم ۾ افتخار احمد جي آجيان ڪيان ٿو، سندس مهارت ۽ تجربو ٽيم لاءِ ڪارائتو ثابت ٿيندو، سندس ميدان ۾ ڪارڪردگي ئي نه ڊريسنگ روم ۾ موجودگي به سٺو سنئوڻ هوندي.

هيڊ ڪوچ عبدالرحمان چيو ته پي ايس ايل جي وڏي ٽريڊز مان هڪ جي نتيجي ۾ افتخار احمد جون خدمتون حاصل ٿيون آهن، هو هڪ ميچ ونر آهي، اننگز جي ڪنهن به مرحلي ۾ ڪاميابي لاءِ مٿس يقين ڪري سگهجي ٿو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.