زال ۽ مڙس جو جهاز ۾ جهيڙو، ايمرجنسي لينڊنگ

اڏام دوران زال مڙس جي جهيڙي جرمني جي شهر ميونخ کان بينڪاڪ ويندڙ جهاز کي دهلي ۾ لهڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو.
جهاز ۾ سوار جوڙي وچ ۾ جهيڙي جهاز کي هنگامي لينڊنگ ڪرڻ تي مجبور ڪيو ويو.
دهلي ايئرپورٽ جي ذريعن موجب جهاز ۾ جرمن مرد ۽ ٿاءِ عورت جي جوڙي وچ ۾ جهيرو ٿيو جنهن کانپوءِ جهاز جي پائلٽس آءِ جي آءِ ايئرپورٽ تي لينڊ ڪرڻ جي اجازت گھري.
ايئرپور اختيارين ٻڌايو ته جهاز جي لينڊنگ کان پوءِ سيڪيورٽي ۽ ايئرپورٽ اختياري جوڙي کي پاڻ سان گڏ وٺي ويا.

علامتی تصویر
هنن وڌيڪ ٻڌايو ته اهو معاملو دهلي پوليس جي ڌيان ۾ ناهي آندو ويو ۽ ان کي ٽرمينل تي ئي حل ڪيو ويو آهي.
ڀارتي آفيسر چيو ته زال ۽ مڙس جهيڙي کان پوءِ هوائي جهاز جي عملي سان به جهيڙو ڪيو.
هن چيو ته جوڙي کي واپس ميونخ موڪليو ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.