ملڪ ۾ عام چونڊون ملتوي ڪرڻ جي درخواست داخل

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان ۾ ملڪ ۾ عام چونڊون ملتوي ڪرڻ جي درخواست داخل ڪئي وئي آهي.
اليڪشن ڪميشن ۾ ايڊووڪيٽ فاطمه نذر طرفان درخواست جمع ڪرائي وئي آهي، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته ملڪ ۾ عام چونڊون ملتوي ڪيون وڃن، ڇو ته عام چونڊن جي تاريخ ڏيڻ کانپوءِ بلوچستان ۾ سيڪيورٽي صورتحال نازڪ آهي ۽ موجوده صورتحال ۾ گهربل ٽرن آئوٽ ملڻ ممڪن ناهي.
درخواست جي متن ۾ چيو ويو آهي ته مڪران ڊويزن ۾ دهشتگردي جا واقعا وڌيا آهن، ڪيچ ۽ گوادر ۾ گذريل ٽن مهينن دوران 61 دهشتگردي جي واقعن ۾ 32 ڄڻا حياتيون وڃائي چڪا آهن، بلوچستان جي وڏي آبادي کي اچ وڃ ۾ به ڏکيائيون آهن.
واضح رهي ته ملڪ ۾ 8 فيبروري 2024 ۾ عام چونڊن جون تياريون جاري آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.