قائد عوام ۽ شهيد محترمه جي مشن تي ثابت قدم آهيون، بلاول قوم کي مايوس نه ڪندو: آصف زرداري

ڪوئيٽا (ويب ڊيسڪ) اڳوڻو صدر آصف علي زرداري ۽ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ڪوئيٽا پهتل آهن، جتي هو سڀاڻي يوم تاسيس جي جلسي سان خطاب ڪندا.
نيئر بخاري، سليم مانڊوي والا، شرجيل ميمڻ سميت ٻيا پ پ اڳواڻ به ڪوئيٽا پهتا آهن.
هوڏانهن آصف علي زرداري پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته پارٽي جي باني قائد عوام شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي فلسفي ۽ شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي مشن اٽي، لٽي ۽ اجهي جي منشور تي ثابت قدم آهيون.
هن چيو ته جمهوريت جي بحالي لاءِ جانين جو نذرانو ڏيندڙ جيالن کي ڀيٽا پيش ڪيون ٿا، شهيد قوم جا هيرو آهن، شهيد محترمه جو پاڪستان ٺاهينداسين، جيڪو طبقاتي استحصال کان پاڪ هوندو.
سندس چوڻ هو ته آئين جي اصل صورت ۾ بحالي لاءِ شهيد بينظير ڀٽو ۽ پ پ ڪارڪنن پنهنجون زندگيون قربان ڪيون ۽ باهه ۽ رت جا درياهه پار ڪيا، ڪوڙا کائيندڙ ۽ قيد ڪاٽيندڙ ڪارڪنن کي ڀيٽا پيش ڪيون ٿا، اهڙا بهادر ۽ ثابت قدم ڪارڪن پارٽي جو انمول سرمايو آهي.
آصف زرداري چيو ته آزاد، باوقار، خود مختيار پاڪستان شهيد محترمه بينظير ڀٽو جو مشن هو، اسان ترقي يافته خود مختيار پاڪستان جي تعمير ڪنداسين، جنهن لاءِ شهيد ڀٽو ۽ محترمه پنهنجي جانين جو نذرانو ڏنو.
اڳوڻي صدر چيو ته قوم، خاص طور تي نوجوان بلاول جو ساٿ ڏين، هو کين مايوس نه ڪندو، ايندڙ جهان ۾ جنت عملن سان ملندي پر هن جهان ۾ پنهنجي ڌرتي کي جنت بڻائڻ جي جدوجهد جاري آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.