بلاول شادي لاءِ راضي، ڀلي پسند جي شادي ڪري، آصف زرداري کي ڪو اعتراض ناهي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري مٿان خاندان پاران شادي لاءِ دٻاءُ وڌندو پيو وڃي.

آصف زرداري چاهي ٿو ته سندس حياتي ۾ ئي بلاول ڀٽو جي شادي ڏسي وڃي ۽ ان لاءِ پڦي ۽ ٻيا به سرگرم آهن هاڻي بلاول لاءِ رشتو ڳوليو پيو وڃي.

بلاول ڀٽو زرداري ڪنهن کي پسند ڪري ٿو يا نه؟ ان حوالي سان هن ڪڏهن پنهنجي خيالن جو اظهار ناهي ڪيو پر ذريعن جو چوڻ آهي ته آصف علي زرداري ان ڳالهه تي به راضي آهي ۽ ڪو به اعتراض نه ڪندو، بلاول ڀٽو زرداري جنهن کي چاهي پسند ڪري سگهي ٿو.

اهو امڪان آهي ته بلاول جي شادي اليڪشن جي فوري بعد ٿي ويندي ڇو ته بلاول ڀٽو به گهوٽ بڻجڻ لاءِ راضي ٿي چڪو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.