ثناءَ جاويد ۽ عمير جسوال جي عليحدگي جا افواهه زور پڪڙي ويا

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان شوبز انڊسٽري جي هڪ ٻئي جوڙي وچ ۾ طلاق جا افواهه سوشل ميڊيا تي زور پڪڙي ويا.
انسٽاگرام تي شوبز بابت خبرون ٻڌائيندڙ ڪيترن ئي پيجن ثناءَ جاويد ۽ عمير جسوال وچ ۾ طلاق جي افواهن جو ذڪر ڪيو آهي.
ٻنهي وچ ۾ عليحدگي جا افواهه ان وقت سامهون آيا هئا جڏهن ثناءَ جاويد ۽ عمير جسوال هڪ ٻئي سان گڏ ڪڍيل تصويرون انسٽاگرام تان هٽائي ڇڏيون.
انهن تصويرن ۾ شادي جون تصويرون به شامل آهن، ان کان اڳ جوڙي ڪيتريون ئي تصويرون شيئر ڪيون هيون جيڪي هاڻي اڪائونٽ تي موجود ناهن.
سوشل ميڊيا تي تنقيد ڪندڙن ۽ مداحن ٻنهي اداڪار جوڙي جي شادي شدهه زندگي ۽ تعلق جي هوالي تبصرا ڪيا آهن پر ثناءَ جاويد ۽ عمير جسوال پاران هيل تائين اهڙن افواهن کي سچ يا ڪوڙ قرار ناهي ڏنو ويو.
اهڙا افواهه ڪيترن ئي ڏينهن کان سوسل ميڊيا تي گردش ڪري رهيا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.